شاهه سان جرمن وفد جي ملاقات، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي

شاهه سان جرمن وفد جي ملاقات، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان هڪ جرمن وفد ملاقات ڪئي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي وزير توانائي انرجي ڊپارٽمينٽ جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سنڌ صوبو شمسي ۽ هوائي توانائي جي وسيلن سان مالا مال آهي، جيڪي سيڙپڪاري لاءِ سونهري موقعا پيش ڪن ٿا. ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار سنڌ جي توانائي جي شعبن ۾ منافعي بخش سيڙپڪاري ۾ خاص دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت سان رابطو ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪارن کي مڪمل مدد ۽ سهڪار فراهم ڪري رهي آهي ۽ سيڙپڪارن جو تعداد رڪارڊ سطح تي وڌي ويو آهي. سنڌ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسي ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو حڪومت تي اعتماد ۽ ڀروسو وڌيڪ وڌايو آهي. وزير توانائي چيئرمين وفد کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي جو 350 ميگاواٽ جو سولر هائبرڊ منصوبو دنيا جو ٻيو نمبر وڏو منصوبو هوندو. ان موقعي تي سيڪريٽري توانائي کاتي سنڌ مصدق احمد خان توانائي کاتي جي جاري ۽ مستقبل جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي بئريسٽر سيد شبير احمد شاهه ۽ سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ جا پروجيڪٽ ڊائريڪٽر محفوظ احمد قاضي پڻ موجود هئا، جڏهن ته جرمن وفد ۾ سيمينز انرجي مڊل ايسٽ اينڊ آمريڪا جي سي اي او ڊيمار سائرس ڊورفر، سي مينز انرجي مڊل ايسٽ اينڊ آمريڪا جي سي ايف او مسز ڊينئيلا شوپنر، سيمينز انرجي پاڪستان جي سي ايف او محمد رفيع شامل هئا. وزير توانائي هن موقعي تي وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي عالمي ماهرن گئسيفڪيشن جي عمل لاءِ انتهائي موزون اعليٰ معيار جو قرار ڏنو آهي. ٿر جي ڪوئلي ۾ منافعي بخش سيڙپڪاري جا بهترين موقعا پڻ موجود آهن. جرمن وفد ٿر ڪوئلي کان علاوه 350 ميگاواٽ جي سولر-ونڊ هائبرڊ منصوبي ۾ سيڙپڪاري ۾ پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو