گمبٽ (ن س )گمبٽ ٿاڻي جي ڪمري مان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ڊاڪٽرن پاران جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوجوان سجاد عالماڻي جي آپگهات جي تصديق ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته نوجوان مٿان ڪنهن به قسم جو تشدد ٿيل ناهي، سندس موت ڦاهو کائڻ سبب ٿيو آهي.










