ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي چونڊيل عهديدارن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان سندس آفيس ۾ اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران، آءِ جي سنڌ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏنيون ۽ سنڌ ۾ موجوده امن امان جي صورتحال تي بحث جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي وڪيل برادري پاران آءِ جي سنڌ کي ڪراچي شهر سميت صوبي ۾ امان امان سميت وڪيلن کي پيش ايندڙ مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏني.آءِ جي سنڌ چيو ته اسان قانوني پيشي ور ۽ وڪيل برادري لاءِ هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائينداسين، امن امان سميت وڪيل برادري کي پيش ايندڙ هر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪندڙن ۾ صدر عامر نواز وڙائچ، وائيس صدر ڪاظم حسين مهيسر، جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي، جوائنٽ سيڪريٽري عمران عزيز، ٽريزرار حسيب الله پنهور، لائبريرين رياض سبزوئي، ميمبر مئنيجنگ ڪميٽي ايڊووڪيٽ ذاڪر علي بلوچ، ايڊووڪيٽ عارف پيرزاده، ايڊووڪيٽ وقار حسين چيما، ايڊووڪيٽ امجد علي شابراڻي ٻيا شامل هئا.











