عمري ۽ مختلف ملڪن جي ورڪ ويزا تي ويندڙ 103 مسافر آف لوڊ

عمري ۽ مختلف ملڪن جي ورڪ ويزا تي ويندڙ 103 مسافر آف لوڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عمري ۽ ڪم جي ويزا تي ڪراچي کان سفر ڪندڙ 103 مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اميگريشن سيل گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪراچي ايئرپورٽ تان مختلف ملڪن ويندڙ 103 مسافرن کي آف لوڊ ڪيو آهي.اميگريشن ذريعن موجب، عمري لاءِ سعودي عرب وڃڻ دوران 28 ماڻهن کي آف لوڊ ڪيو ويو، ان کان علاوه آذربائيجان، سعودي عرب، ترڪي، قبرص، بحرين، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، سريلنڪا، سنگاپور، ملاوي، برونڊي، ڪانگو، عمان، بوٽسوانا، انڊونيشيا. البانيا ۽ مڊگاسڪر ويندڙ ماڻهن کي به جهاز مان لاٿو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو