اڏيرو لال (ن س )اڏيرو لال ويجهو ڏهين ڪلاس جو شاگرد پراسرار طور گم ٿي ويو، جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان آهن. وارثن جو چوڻ هو ته سمير عمراڻي ڪالهه شام گهران ناراض ٿي نڪتو جيڪو اڃا واپس ناهي آيو.هنن چيو ته نينگر جو هر هنڌ ڳولا باوجود ڪٿي بس ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن. وارثن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.










