ميهڙ (ن س )ميهڙ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. مدينا ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ نوجوان دلبر پنهور زخمي ٿي پيو، جنهن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو. نوجوان دلبر پنهور جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سندس گهر ۾ڪهرام مچي ويو، جڏھن ته علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي. نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










