ڊکڻ ڀرسان گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل

ڊکڻ ڀرسان گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل

ڊکڻ (ن س )ڊکڻ ڀرسان گهر مان چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي چورن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو قتل ٿي ويو. نبي شاھه وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر ڪلر ۾ چورن گهر کي کاٽ هنيو ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا. مزاحمت ڪرڻ تي چورن جي فائرنگ ۾ نوجوان سليم جمالي گولين جو کاڄ بڻجي ويو. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مارجي ويل ڀاڳئي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته چورن چوري جي ڪوشش دوران نوجوان کي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو