نواب ولي محمد، ٽريڪٽر ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت 3 زخمي

نواب ولي محمد، ٽريڪٽر ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت 3 زخمي

نواب ولي محمد(ن س)نواب ولي محمد لڳ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر هڪ ڄڻو فوت 3 زخمي ٿي پيا،تفصيل موجب نواب ولي محمد لڳ نيشنل ھاءِ وي تي سرڪاري کوھ اسٽاپ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مردان واسي ياسر پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ احمد علي، عابد علي، شير خان شامل آهن جن کي تعلقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو جتان زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي نواب شاهه اسپتال آندو ويو آهي جڏهن ڪوچ مردان کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته سرڪاري کوھ اسٽاپ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي ڪوچ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو