ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)تعليم جي عالمي سال جي موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي تعليم واري ڏينهن جو موضوع تعليمي ترقي ۽ مصنوعي ذهانت آهي، ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مصنوعي ذهانت کي ترقي جو ذريعو بڻائڻ جي ضرورت آهي.اسان کي مصنوعي ذهانت ذريعي انسانيت کي فائدو ڏيڻ جا طريقا ڳولڻا پوندا،سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته مصنوعي ذهانت کي انساني صلاحيتن تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو وڃي،انساني وقار کي مصنوعي ذهانت کان بچائڻ گهرجي،دنيا تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي،اسان اڃا تائين تعليم کي ترقي جو ذريعو بڻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون،سنڌ حڪومت جا قانون ساز ۽ انتظامي سڌارا تعليم جي ترقي لاءِ آهن،تعليم جي ترقي لاءِ انتظامي سڌارا ضرور ڪيا ويندا.










