نينگريءَ سان زيادتي جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

نينگريءَ سان زيادتي جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

مٺي (ن س )مٺي جي مسلم ڪالوني ۾ 5ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پنجن ورهين جي ٻارڙي ڪائنات سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس متاثر ٻارڙي جي پيءُ جي فرياد تي مٺي ٿاڻي تي جوابدار ڪيول پٽ سگهرام ڪولهي خلاف داخل ڪيو ويو.پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته هن ٻارڙي کي شئي وٺي ڏيڻ بهاني زيادتي ڪئي. هوڏانهن شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق ڪئي ويئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو