ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي جي رسالا پوليس اسٽيشن جو اوچتو دورو ڪري تعمير هيٺ وومين پوليس اسٽيشن جي ڪم جائزو ورتو.وڏي وزير پاران وومين پوليس اسٽيشن جي تعمير ۾ دير تي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه رسالا ماڊل پوليس اسٽيشن جي نئين عمارت جي ڪم جو جائزو وٺڻ بعد عمارت ۾ ليڊيز ڊيسڪ جو به معائنو ڪري فيسليٽيشن ڊيسڪ بابت عملي کان ڄاڻ گهري. وڏي وزير مراد علي شاهه شڪايت رجسٽر جو جائزو ورتو ۽ ليڊيز ڊيسڪ تي ڊيوٽي ڪندڙ ليڊي ڪانسٽيبل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊيسڪ تي تجربيڪار ليڊي پوليس آفيسر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير پوليس اسٽيشن تي مقرر نفري بابت ڄاڻ وٺندي پوليس اسٽيشن تي هڪ سئو کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي نائيٽ جي شفٽ هجڻ سبب اڌ اسٽاف جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي سٽي کي پوليس اسٽيشنن تي عملي جي ڊيوٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه پاران رسالا ماڊل پوليس اسٽيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي وئي. وڏي وزير رسالا ماڊل پوليس اسٽيشن جي لاڪ اپ جو جائزو ورتو، جنهن دوران 9 ڄڻا لاڪ اپ ۾ بند هئا، جنهن تي وڏي وزير لاڪ اپ ۾ قيد ماڻهن جي ايف آءِ آر رجسٽر جو به جائزو ورتو. ان موقعي تي وڏي وزير ايس ايڇ او کي پنهنجي آفيس ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ جي هدايت ڪئي. ايس ايس پي سٽي وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته رسالا ماڊل پوليس اسٽيشن جي پوليس حوالي ٿيڻ کي هڪ هفتو ٿيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه گهرو سيڪريٽري کان تعمير هيٺ عورتن جي پوليس اسٽيشنز بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.










