پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن، گهر گهر جهڙتي

پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن، گهر گهر جهڙتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري گهر گهر جهڙتي ورتي.پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سينٽرل ضلعي جي مدينه ڪالوني، ايف بي انڊسٽريل ايريا ۽ ڀنگوريا ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب، ايف بي انڊسٽريل ايريا، عزيز آباد ٿاڻن جي ليڊيز اهلڪارن به آپريشن ۾ حصو ورتو جڏهن ته انٽيليجنس اسٽاف به موجود هو. پوليس موجب، آپريشن دوران ڪيترن ئي گهرن جي تلاشي ورتي وئي. ٻئي پاسي پاڪستان بازار، سيڪٽر 16 ۾ به پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو ويو،ايس ايس پي اولهه جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران علائقي طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا جڏهن ته شڪي ماڻهن جي بائيوميٽرڪ چيڪنگ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو