ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو تعليم جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جا هاڪاري نتيجا اچڻ گهرجن، هو ڪراچي ۾ تعليمي ادارن، ٿاڻن، ريوينيو آفيسن ۽ انتظامن جو معائنو ڪندو آهي ۽ سڄي شهر ۾ صفائي سٿرائي توڙي مڪاني ادارن جي معاملن جو به جائزو وٺندو رهندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي ۾ جي سي ٽي هلال اسڪول بلال ڪالوني جو دورو ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليم وارو صوبائي وزير سردار شاهه به وڏي وزير سان گڏ هو، جي سي ٽي هلال اسڪول بلال ڪالوني ايجوڪيشن فائونڊيشن جو اسڪول آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نگراني هيٺ اسڪولن جي دوري جو به فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ڪراچي ۾ تعليمي ادارن، ٿاڻن، ريوينيو آفيسن ۽ انتظامن جو معائنو ڪندو آهي ۽ سڄي شهر ۾ صفائي سٿرائي توڙي مڪاني ادارن جي معاملن جو به جائزو وٺندو رهندو. وڏي وزير اسڪول ۾ تعليمي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ استادن جو حاضري رجسٽرڊ چيڪ ڪيو. سيد مراد علي شاهه ڪلاس روم جي سرگرمين جو به جائزو ورتو ۽ اسڪول جي ٻارڙن سان رلي ملي ويو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم واري صوبائي وزير کي دورا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اسڪول ۾ اسڪول ۾ 559 ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ٻارن جي حساب سان اسڪولن کي فنڊنگ ڪندي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو چاهن ٿا ته ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اسڪول بهتر انداز ۾ ڪم ڪن، صوبائي وزير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن جي انسپيڪشن ڪري، هو تعليم جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جا هاڪاري نتيجا اچڻ گهرجن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊيجيٽل مائڪرو اسڪول عوامي ڪالوني ڪورنگي جو به دورو ڪيو. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هي اسڪول به سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي فنڊنگ سان هلي رهيو آهي، اسڪول ۾ ٻارن کي ٽيبليٽ تي تعليم ڏني ويندي آهي، هڪ سئو ٻارڙا داخل آهن. ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٻارڙن سان گڏ ويهي رهيو، ڳالهيون ڪيون ۽ ٽيبليٽ به هلرايو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس دوري جو مقصد ٽيبليٽ سسٽم جي ماڊل جو جائزو وٺڻ آهي، ٽيبليٽ تي جيڪڏهن ٻارڙا جلدي تعليم حاصل ڪن ٿا ته اهو ماڊل ٻين اسڪولن تائين وڌايو وڃي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هي سمورا ٻارڙا مزدورن جا آهن. سيد مراد علي شاهه ٻارڙن سان سندن ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن جي اسڪول وڃڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير سردار شاهه کي اهڙا اسڪول شروع ڪرڻ لاءِ جلد پرپوزل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اسڪول صبح شام هڪ ڪمري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وڌيڪ ٻارڙن کي تعليم ڏيو هو ڀرپور سهولتون ڏيندا. وڏي وزير عوامي ڪالوني ۾ جمع ٿيل ماڻهن سان ملاقات به ڪئي ۽ سندن مسئلا ٻڌا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوامي ڪالوني جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو اوهان کي اهو پيغام ڏيڻ آيو آهي ته پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏياريو، ٻارڙا پڙهندا ته اوهان جي زندگي بهتر ٿيندي.










