فاضل راھو جي 38 ورسي اڄ  راھوڪي ۾ ملھائي پئي وڃي

فاضل راھو جي 38 ورسي اڄ راھوڪي ۾ ملھائي پئي وڃي

گولاڙچي (ن س )شھيد فاضل راھو جي 38 ورسي اڄ گولاڙچي ڀرسان راھوڪي ۾ ملھائي پئي وڃي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.شهيد جي مزار ڀرسان جلسي لاءِ پنڊال تيار ڪيو ويو آهي.پنڊال سميت سڄي راھوڪي کي پ پ جي جھنڊن توڙي شھيد فاضل راھو جي تصويرن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو، جڏھن ته سڄي سنڌ مان قافلا ورسي ۾ شرڪت لاءِ راھوڪي پھچندا.اڄ صبح جو شھيد فاضل راهو يادگار ڪميٽي پاران قرآن خواني ڪري ورسي تقريبن جي شروعات ڪئي ويندي.ورسي تي عوامي جلسي کي پ پ جا مرڪزي اڳواڻ توڙي صوبائي وزير خطاب ڪندا.شھيد فاضل راهو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ادبي ڪانفرنس پڻ ٿيندي.ادبي ڪانفرنس ۾ اديب، دانشور، صحافي شرڪت ڪندا.شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري، مدد علي سنڌي، احمد سولنگي سميت ٻيا شھيد جي ڪيل سياسي ۽ سماجي پورھيي تي روشني وجھندا ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا …

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو