شهدادڪوٽ: (ن س) شهدادڪوٽ ۾ ميرو خان جي ڳوٺ قائم خان چانڊيو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي، فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.پوليس موجب نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب پيءُ ۽ سندس 2 مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ 60 ورهين جو الله ڏنو چانڊيو، 30 ورهين جو انور ۽ 19 ورهين جو ڪمال شامل آهن. جڏهن ته واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا. انهي حوالي سان پوليس جو موقف آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، ٻن خاندانن ۾ 15 سالن کان جهيڙو هلندڙ هو جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










