ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي شهر ۾ تيز هوائن سبب ٿڌ جي شدت وڌي وئي آهي.موسميات کاتي موجب، گذريل رات ڪراچي جي جناح ٽرمينل تي گرمي پد 11.8 ڊگري سينٽي گريڊ، گلستان جوهر ۾ 11.9 ۽ شارع فيصل ۾ 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.اهڙي طرح ماڙي پور ۾ گرمي پد 14.5 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ بن قاسم ۾ 13.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.شهر ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائون هلڻ جو به امڪان آهي.چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل 6 کان 7 ڏينهن کان گرمي پد 9 کان 10 جي وچ ۾ آهي، اڄ منجهند کان پوءِ ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي.










