ڪراچي ۾ واڙي جو کير پيئڻ سان 6 ڄڻا بيهوش، اسپتال داخل

ڪراچي ۾ واڙي جو کير پيئڻ سان 6 ڄڻا بيهوش، اسپتال داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سکڻ ڀينس ڪالوني ۾پنهنجي ئي مينهن جي واڙي جو کير پيئڻ سان 6 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي اڌ بيهوشي جي حالت ۾جناح اسپتال پهچايو ويو، ان حوالي سان ايس ڊي او سکڻ، ڊي ايس پي شوڪت تنولي ٻڌايوته شروعاتي طور تي پوليس کي ٻڌايو ويو آهي ته متاثر ماڻهو گوالا آهن، جيڪي ٻاهران کاڌو کائي واپس واڙي تي آيا هئا، جنهن کان پوءِ انهن واڙي ۾ رکيل کير پي ورتو، جيڪو شڪ آهي ته صحت لاءِ هاڃيڪار هو ۽ ان جي پيئن سان انهن جي حالت خراب ٿيڻ لڳي، جن جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو جو عملو ٿڏي تي پهتو، جڏهن ته پوليس پهچي استعمال ڪيل کير ۽ ٻين شين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڇيپا مطابق 5 ماڻهن کي 20 ورهين جي ظهير، 30 ورهين جي غلام شبير، 22 ورهين جي منير، 60 ورهين جي صديق ۽ 22 ورهين جي عبدالمجيب جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي وئي، جڏهن ته 6هين شخص جي فوري طور تي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته ان حوالي سان پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو