ڪراچي/ لاڙڪاڻو(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل ئي ناهي نه ئي وري هو ان حوالي سان سنجيده آهي،اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ”ڌاڙيل راڄ“ قائم ٿي چڪي آهي ۽ امن امان جي صورتحال بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي، اڳ ۾ ڪچي جا ڌاڙيل واپارين ۽ شهرين کي ”هني ٽريپ“ ۽ ٻين ذريعن سان اغوا ڪندا هئا ، پر ھاڻي ڌاڙيل نيشنل، سپر هاءِ وي ۽ موٽروي تان به ڏينهن جو ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين کي اغو ۽ ڦرون ڪري رهيا آهن. پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ جي ذميوار آهي، پر 16 سالن کان بدترين حڪمراني، ڪرپشن ۽ ڌاڙيل راڄ سنڌ جي عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا وڏي پيماني تي ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ حڪمران طبقي سان تعلق رکندڙ بااثر ماڻهوءَ ۽ پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون ملوث آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 12 جنوري تي سکر ۾ منعقد ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر سان ملاقات ۽ دعوت نامو پهچائڻ دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، قاري ابو زبير جکرو ۽ ذيشان عابد چانڊيو پڻ موجود هئا. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته ڀُنگ لاءِ اغوا، ڦرون ۽ قبيلائي جهيڙن جي ڪري اڄ ڪشمور ضلعو وانا وزيرستان جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب ماڻهن جو ڪاروبار، زراعت ۽ تعليم تباهه ٿي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. سنڌ کي 91ع واري ٺاهه موجب پنهنجي حصي جو پاڻي به نه ملي رهيو آهي، مٿان وري هاڻي ڪمپنيءَ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان واهه کوٽائي سڄي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ ۽ زمينن کي بنجر بڻائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن جي سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ڪندو. پيپلزپارٽي منافقت ۽ دوغلي پاليسي کي ڇڏي نون ڪينالن خلاف مزاحمت جو اعلان ڪري، ٻي صورت ۾سنڌي قوم ان جو احتساب ڪندي. 12 جنوري تي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ”آل پارٽيز ڪانفرنس“ ۾ سمورين سياسي، مذهبي، سماجي پارٽين، وڪيلن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران ڌاڙيل راڄ خلاف گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو جنهن کانپوءِ بدامني خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر چيو ته اسان جماعت اسلامي اي پي سي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته هن وقت بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ سنڌ جو بنيادي مسئلو بڻجي چڪو آهي، پ پ حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ان ڪري هاڻي عوام کي پنهنجي حقن ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ بي حس حڪمرانن جو احتساب ڪرڻ لاءِ روڊن تي اچڻو پوندو.#










