ڪنڊ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي حب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. حب جي ڪنڊ ڳوٺ ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪئي.هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 ورهين جو عباس ۽ 30 ورهين جاويد ٿڏي تي قتل ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. عباس ۽ جاويد جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنڊ ڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










