پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، ڳوٺاڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، ڳوٺاڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع ملڻ شرط پوليس پهتي جتي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ پوليس پاران به جوابي فائرنگ شروع ڪري ڏني اڌ ڪلاڪ جي مقابلي کانپوءِ پوليس 10 ڏينهن اڳ جيڪب آباد ڀرسان مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد رمضان مغيري ۾ چورن سان مزاحمت ڪرڻ دوران قتل ٿيل گهر ڌڻي وزير علي مغيري جي قتل ڪيس جو مک جوابدار بخت علي ملاڻو کي زخمي حالت ۾ سندس ساٿي عبدالنبي رند کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري ٿيل مينهن هٿ ڪري ورتي آهي.

ايس ايس پي بشير احمد بروهي پاران مقابلي ۾ هٿ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم کي شاباسي ڏني آهي. جڏهن ته چورن خلاف پوليس جي ڪارروائي تيز ڪرڻ تي شهرين پاران ايس ايس پي بشير احمد بروهي ۽ سندس ٽيم جي واکاڻ ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو