ڏکڻ ايشيا ۾ غذائي قلت جي شرح آفريڪا کان به وڌي وئي، يونيسيف

ڪراچي (ويب ديسڪ) اقوام متحده چيو آهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ پنج سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي فوتگي جا 4 لک کان مٿي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. يونيسيف پاران 2018 بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سال کان 5 سال جي عمر وارن ٻارن جي مرن جو ڪل تعداد 4 لک 9 هزار آهي. پاڪستان ۾ ان عرصي دوران نون ڄايل ٻارن جو انگ 59 لک 99 هزار رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ان عرصي دوران ڀارت ۾ 8 لک 82 هزار ۽ افغانستان ۾ 74 هزار ٻار فوت ٿي ويا. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ 38 سيڪڙو ٻار هن وقت به خطري ۾ آهن. رپورٽ موجب ڏکڻ ايشيا غذائي قلت جي شڪار علائقن ۾ شامل آهي، جتي ٻارن جي غذائي قلت سبب پرورش نه پئي ٿئي ۽ نتيجي ۾ هو فوت ٿي وڃن ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ ٻارن جي موت جي شرح 49.9 سيڪڙو آهي جيڪا مشرقي ۽ جنوبي آفريڪا جي شرح 42.1 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2018 جي آخر تائين پاڪستان جي آبادي 21 ڪروڙ 22 لک هئي جنهن مان 8 ڪروڙ 79 لک 18 سالن کان گهٽ عمر وارا آهن ۽ 2 ڪروڙ 73 لک 5 سالن کان گهٽ عمر وارا شامل آهن. پاڪستان ۾ ننڍن ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، 1990 ۾ في هزار ٻارن مان مري ويندڙن جو انگ 139 هو، جيڪو  2018 ۾ گهٽ ٿي 69 ٿي ويو آهي پر ان کي اڃا به گهٽ ڪرن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2000 کان 2028 دوران پيداواري شرح (جي ڊي پي) 2.2 سيڪڙو رهندي جيڪا اڳتي هلي اڃا گهٽ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو