ڪراچي (ويب ديسڪ) اقوام متحده چيو آهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ پنج سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي فوتگي جا 4 لک کان مٿي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. يونيسيف پاران 2018 بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سال کان 5 سال جي عمر وارن ٻارن جي مرن جو ڪل تعداد 4 لک 9 هزار آهي. پاڪستان ۾ ان عرصي دوران نون ڄايل ٻارن جو انگ 59 لک 99 هزار رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ان عرصي دوران ڀارت ۾ 8 لک 82 هزار ۽ افغانستان ۾ 74 هزار ٻار فوت ٿي ويا. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ 38 سيڪڙو ٻار هن وقت به خطري ۾ آهن. رپورٽ موجب ڏکڻ ايشيا غذائي قلت جي شڪار علائقن ۾ شامل آهي، جتي ٻارن جي غذائي قلت سبب پرورش نه پئي ٿئي ۽ نتيجي ۾ هو فوت ٿي وڃن ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ ٻارن جي موت جي شرح 49.9 سيڪڙو آهي جيڪا مشرقي ۽ جنوبي آفريڪا جي شرح 42.1 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2018 جي آخر تائين پاڪستان جي آبادي 21 ڪروڙ 22 لک هئي جنهن مان 8 ڪروڙ 79 لک 18 سالن کان گهٽ عمر وارا آهن ۽ 2 ڪروڙ 73 لک 5 سالن کان گهٽ عمر وارا شامل آهن. پاڪستان ۾ ننڍن ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، 1990 ۾ في هزار ٻارن مان مري ويندڙن جو انگ 139 هو، جيڪو 2018 ۾ گهٽ ٿي 69 ٿي ويو آهي پر ان کي اڃا به گهٽ ڪرن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2000 کان 2028 دوران پيداواري شرح (جي ڊي پي) 2.2 سيڪڙو رهندي جيڪا اڳتي هلي اڃا گهٽ ٿيندي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو