پي ٽي آءِ جي باني تي ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ وارا آهن،سيف

پي ٽي آءِ جي باني تي ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ وارا آهن،سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ وارا آهن.هڪ بيان ۾ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته عطا تارڙ چوي ٿو ته ملڪ دشمنن کي سيپري هڻڻ سان فائدو ٿيو، جيڪڏهن دشمنن کي فائدو ٿيو آهي ته هو عدالت ۾ ثابت ڪن ها.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته جعلي فارم 47 حڪومت جا ڏينهن گُذري ويا آهن، سازشي گروهه جي هر سازش جو حساب ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو