پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ وارا آهن.هڪ بيان ۾ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته عطا تارڙ چوي ٿو ته ملڪ دشمنن کي سيپري هڻڻ سان فائدو ٿيو، جيڪڏهن دشمنن کي فائدو ٿيو آهي ته هو عدالت ۾ ثابت ڪن ها.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته جعلي فارم 47 حڪومت جا ڏينهن گُذري ويا آهن، سازشي گروهه جي هر سازش جو حساب ورتو ويندو.










