عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي: ڪاڪڙ

عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي: ڪاڪڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌو وڃي.انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي حمايت ۽ ان کي برقرار رکندو. پاڪستان ملڪي ۽ عالمي سطح تي انساني حقن جي تحفظ لاءِ موثر قدم کنيا آهن. پاڪستان مذهب، رنگ ۽ نسل جي فرق کان سواءِ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019 جي غيرقانوني ڀارتي قدم جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي تبديلي آهي. عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي.نگران وزيراعظم چيو ته غزه ۾ نه فلسطينين تي اسرائيلي ظلم ڳڻتي جوڳي آهي، غزه ۾ انساني حقن جي خطرناڪ صورتحال سڀني جي سامهون آهي، اسرائيل غزه ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو مرتکب ٿي رهيو آهي.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته فلسطين ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، عالمي برادري کي غزه ۾ جنگ بندي لاءِ فوري ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو