(ن) ليگ ۽ استحڪام پارٽي ۾ سيٽ ايڊجسٽمنٽ لاءِ ڪميٽي قائم

(ن) ليگ ۽ استحڪام پارٽي ۾ سيٽ ايڊجسٽمنٽ لاءِ ڪميٽي قائم

لاهور (ويب ڊيسڪ) (ن) ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ(ن) ليگ طرفان راڻا ثناءُالله، اياز صادق ۽ سعد رفيق ڪميٽي ۾ شامل هوندا. جڏهن ته آءِ پي پي طرفان عون چوڌري، اسحاق خاڪواني ۽ نعمان لنگڙيال ڪميٽي جو حصو هوندا.ذريعن ٻڌايو آهي ته جهانگير ترين يا سندس پٽ علي ترين لودهران مان ايم اين اي جي چونڊ وڙهندا جڏهن ته آءِ پي پي جو عليم خان ۽ عون چوڌري لاهو مان ايم اين اي جي چونڊ وڙهندا.ذريعن ٻڌايو آهي ته اسحاق خاڪواني وهاڙي کان ۽ نعمان لنگڙيال ساهيوال کان چونڊون وڙهندا جڏهن ته ٻنهي پارٽين مان ڪنهن به هڪ مضبوط اميدوار کي تڪ جي عوام سامهون آندو ويندو جنهن جي لاءِ اڻڌري سروي به ڪرائي سگهجي ٿي.ذريعن ٻڌايو آهي ته(ن) ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران هڪ گڏجاڻي ٿيندي جنهن ۾ ٻئي پارٽيون پنهنجن پنهنجن اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو