نواز  چوٿون ڀيرو به سليڪٽ ٿي آيو ته عوام کيس رد ڪندو

نواز چوٿون ڀيرو به سليڪٽ ٿي آيو ته عوام کيس رد ڪندو

لوئردير: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته جيڪو 3 ڀيرا وزيراعظم بڻجي فيل ٿيو آهي اهو چوٿون ڀيرو ڪهڙا تير هڻندو.؟ چوٿون ڀيرو جيڪڏهن نوازشريف سليڪٽ ٿي آيو ته عوام سميت مان به کيس نه مڃيندس. نواز شريف چوٿون ڀيرو به کٽرائيندڙن سان مهاڏو اٽڪائيندو.لوئر دير ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سياسي مخالفن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون نه آهن جو اسان انتقام جي سياست يا رانديگرن کي برداشت ڪريون. 8 فيبروري تي عوام هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽي کي چونڊ ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ساڳئي پراڻي سياست هلي رهي آهي. نفرت ۽ ورهاست جي سياست هن وقت عروج تي آهي. سياسي اختلاف راءِ جي بجاءِ هاڻ هي ذاتي دشمنين تي لهي آيا آهن. هڪ پارٽي جو ارادو آهي ته چونڊن کٽي سياسي مخالفن کان انتقام وٺي، ٻئي پارٽي جو به ساڳيو ئي ارادو آهي.عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي جيڪو موقعو مليو اهو هن انتقامي سياست ۾ ضايع ڪري ڇڏيو. زمان پارڪ جي دور ۾ انتقامي سياست تي زور ڏنو ويو، واعدو نئين پاڪستان جو هو پر جڏهن حڪومت ۾ آيا ته ساڳيو ئي ڪم ڪيو ويو جيڪو اڳ ٿيندو هو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان صرف اهو اختلاف هو ته هو سليڪٽ ٿي آيو هو، پي ٽي آءِ باني غلط هو ۽ هو امپائر جي آڱر سان پنهنجي سياست ڪندو رهيو. نوازشريف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ميان صاحب انهن سان جهيڙو ڪيو جنهن کيس اقتدار ۾ آندو. ٻيون ڀيرو ميان صاحب کي جهيڙي جي ڪري ٻاهر وڃڻو پيو ۽ 10 سال آرام ڪرڻو پيو. 2013 ۾ ميان صاحب ٻيهر انهن سان جهيڙو ڪيو جنهن کيس اڪثريت ڏياري هئي. بلاول ڀٽو چيو ته نوازشريف مون کي ڇو ڪڍيو چوندي چوندي لنڊن جي ايون فيلڊ پهتو ۽ اتان کان انقلاب آڻڻ لڳو. ميان صاحب جو هڪ ڀيرو ٻيهر انهن کان ساڳيو مطالبو آهي ته مون کي ٻيهر اڪثريت ڏياري وڃي. جيڪو 3 ڀيرا وزيراعظم بڻجي فيل رهيو اهو چوٿون ڀيرو ڪهڙا تير هڻندو. اسان کي خبر آهي ته ميان صاحب چوٿون ڀيرو اچي ڇا ڪندو. ميان صاحب ٻيهر به انهن سان ئي جهيڙو ڪندو جيڪي کيس اڪثريت ڏياريندا.

پهنجو تبصرو موڪليو