اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) 27 آڪٽومبر تي وفاق جي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي ريڊ زون ڊي چوڪ ۾ ٿيندڙ آزادي مارچ ڪرائڻ جي حوالي سان ضلعي انتظاميه کي باضابطه طور درخواست ڏئي ڇڏي آهي. جي يو آءِ ف جي اڳواڻ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري پنهنجي وڪيل ڪامران مرتضيٰ سان گڏ چيف ڪمشنر اسلام آباد وٽ درخواست جمع ڪرائي جنهن ۾ آزادي مارچ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو به چيو ويو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته موجودهه حڪومت جي خلاف آئين جي آرٽيڪل 16 ۽ 17 تحت آئيني ۽ جمهوري حق جو استعمال ڪندي جي يو آءِ ف 27 آڪٽومبر تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي آزادي مارچ ڪندي.
مشهور خبرون










