آسٽريليا پاران پاڪستان کي 352 رنز جو ٽارگيٽ

آسٽريليا پاران پاڪستان کي 352 رنز جو ٽارگيٽ

حيدرآبا ڏکڻ(ويب ڊيسڪ)ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 50 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 351 رنز ٺاهيون. حيدرآباد ڏکڻ ۾ کيڏيي ويندڙ ميچ ۾ ٽاس کٽي پيٽ ڪمنز چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي، ڊيوڊ وارنر ۽ مچل مارش اننگ جي شروعات ڪئي.12 اوورز ۾ بنا نقصان جي 83 رنز اسڪور ڪيون. تيرهون اوور اسامه ميرڪرايو ۽ ٻئي بال تي وارنر کي حارث رئوف هٿان ڪيچ ڪرايو. وارنر 4 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 33 بالن تي 48 رنز ٺاهيون. اسامه مير پنهنجي ٻئي اوور ۾ مچل مارش کي سلپ ۾ افتخار احمد هٿان ڪيچ ڪرايو، هن هن ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 48 بالن تي 31 رنز ٺاهيون هيون. محمد نواز پنهنجي ٻئي اوور ۾ ليبس چينج کي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو. آسٽريليا جي 151 تي ٽئين وڪيٽ ڪري. ليبسچينج 5 چوڪن جي مدد سان 31 بالن تي 40 رنز ٺاهيون. ان بعد اليڪس ڪيري آيو ۽ نواز جي بال تي ڪيپر اسٽيمپ مس ڪيو. پنجويهين اوور ۾ اسٽيو سمٿ 2 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 27 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. آسٽريليا جي پنجين وڪيٽ 172 جي اسڪور تي ان وقت ڪري جڏهن شاداب جي شاندار ٿرو تي اليڪس ڪيري رن آئوٽ ٿيو، هن 14 بالن تي 11 رنز ٺاهيون. 41 هين اوور ۾ ميڪسويل 77 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو هن 6 ڇڪا 4 چوڪا هنيا، شاداب جي بال تي بابراعظم سندس ڪيچ پڪڙيو،جوش انجلس 48 رنز ٺاهي وسيم جونيئر جي بال تي امام الحق هٿان ڪيچ ٿيو. حارث رئوف 9 اوورز ۾ 97 رنز ڏنيون. پاڪستان جي ڪپتاني شاداب خان پيو ڪري، بابر اعظم ۽ محمد رضوان نه پيا کيڏين، محمد حارث وڪٽ ڪيپنگ پيو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو