گلگت اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب

گلگت اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب

گلگت (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر سيد امجد خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وئي.گلگت بلتستان اسيمبلي جي 33 رڪني ايوان ۾ 22 مان 21 ميمبرن اسپيڪر جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته اسپيڪر جي حق ۾ رڳو هڪ ووٽ ڪاسٽ ٿيو.تحريڪ انصاف پنهنجي ئي اسپيڪر کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائي ڇڏيو.گلگت بلتستان اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو