گلگت (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر سيد امجد خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وئي.گلگت بلتستان اسيمبلي جي 33 رڪني ايوان ۾ 22 مان 21 ميمبرن اسپيڪر جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته اسپيڪر جي حق ۾ رڳو هڪ ووٽ ڪاسٽ ٿيو.تحريڪ انصاف پنهنجي ئي اسپيڪر کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائي ڇڏيو.گلگت بلتستان اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.










