اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو آهي ته گوگل سان 45 هزار اسڪالر شپ لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي جيڪو ايندڙ سال 4 لک 50 هزار تائين وڌي ويندو.گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو گوگل جا اسڪالر عورتن لاءِ هوندا.هن اها ڳالهه ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز (ڪاٽي) ۾ اسٽارٽ اپ فار انڊسٽريز اينڊ آئي ٽي ايڪسپورٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي.صوبائي وزير چيو ته گوگل ڪمپني گذريل سال صرف 15 هزار اسڪالرشپس ڏنيون هيون پر صلاح مشوري کانپوءِ انهن ۾ واڌ ڪئي وئي.وفاقي آئي ٽي وزير چيو ته اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ گيمنگ ۽ اينيميشن لاءِ 1.6 ملين ڊالرن جي لاڳت سان عمارت تعمير ڪئي وئي آهي، کاٽي جي وائيس سرپرست زبير چانڊيو، سينيٽر عبدالحسيب خان، سينيئر نائب صدر نگهت اعواڻ، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ماهين سلمان، اڳوڻو صدر سليم الزمان، مسعود نقي، رزاق هاشم پراچا، احتشام الدين، يونيورسٽين جي ماهرن، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر سميت معززين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.وفاقي وزير امين الحق وڌيڪ چيو ته آءِ ٽي واري وزارت 2050ع جي ويزن تي ڪم ڪري رهي آهي، 2020ع تائين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري 75 ملين ڊالر هئي جيڪا 2021ع تائين وڌي 373 ملين ڊالر ٿي وئي، اهڙي طرح وزارت جي ڪوششن کانپوءِ ان تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي. هن چيو ته 30 مارچ کان موبائل بند ڪيو ويو آهي.وفاقي آءِ ٽي واري وزير چيو ته جڏهن هن وزارت سنڀالي ته فوري طور تي ملڪ ۾ موبائيل فونز ٺاهڻ واري صنعت کي قائم ڪرڻ لاءِ موبائيل فون ٺاهڻ واري پاليسي ٺاهي، اهڙي ريت ڪجهه مهينن ۾ موبائل فون جي پيداوار شروع ٿي وئي.سيد امين الحق وڌيڪ چيو ته جڏهن هن آءِ ٽي وزارت سنڀالي ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ پنج انڪيوبيشن سينٽر ڪم ڪري رهيا هئا، جن کي ٽن سالن ۾ وڌائي 8 ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان جو ڌيان ملڪ ۾ اسٽارٽ اپ، گيمنگ ۽ اينيميشن جي فروغ تي آهي.ان کان اڳ ڪاٽي جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر عبدالحسيب خان چيو ته انٽرپرينيورز ۽ اسٽارٽ اپ تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهن پر اڄڪلهه اسٽارٽ اپ لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت ناهي.هن چيو ته ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ۾ آئي ٽي جو اهم ڪردار آهي. هن وقت STARTUPS هڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن جنهن جي صنعت ۾ ضرورت آهي.ڪاٽي جي نائب سرپرست زبير چانڊيو چيو ته جڏهن وفاقي وزير امين الحق پنهنجو عهدو سنڀاليو ته ان وقت جي آءِ ٽي جي برآمدات هڪ ارب ڊالر جي سطح تي هئي پر گذريل مالي سال جي آخر ۾ 2.6 ارب ڊالر جي برآمدات رڪارڊ ڪئي وئي.هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئند آهي ته پاڪستان جي آئي ٽي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ گذريل سال پاڙيسري ملڪ جي برآمدات 149 بلين ڊالر هئي.مهين سلمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ اهڙو نصاب تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي صنعت ۾ ضرورت آهي. اڳي ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڊگريون حاصل ڪندا هئا پر کين نوڪريون نه ملنديون هيون. هاڻي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته صنعتڪارن جي مشاورت سان موجوده دور جي ضرورتن مطابق پروفيشنل ٽريننگ ڏني وڃي.هن وڌيڪ چيو ته اڄ جيڪي اسٽارٽ اپ موجود آهن اهي صرف گذريل سال منصوبن جي صورت ۾ هئا جيڪي اڄ ڪاميابيءَ سان شروع ٿيا آهن.ان موقعي تي ڪاٽي جي سينيئر نائب صدر نگهت اعواڻ ڳالهائيندي چيو ته آئي ٽي شعبي ۾ استعمال ٿيندڙ مشينري ۽ پراڊڪٽس تي ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ اهو شعبو اڳتي وڌي سگهي










