ميهڙ (غلام حسين پنھو) ٿيٻا روڊ وي آء پي اسڪول ڀرسان ڏينهن ڏٺي جو 4 هٿياربندن پاران هٿيارن جي زور تي واپاري محمد خان گهانگرو جي گهر ۾ داخل ٿي گهر جي عورتن ۽ ٻارن کي هٿيار جي زور تي يرغمال بڻائي گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري کين هڪ ڪمري ۾ بند ڪرڻ بعد هٿيار بند اڌ ڪلاڪ تائين گهر ۾ المارين ,بريف ڪيسن کي ٽوڙڻ گهر مان 5 لک روڪ رقم 15 لک روپين جو سون ۽ موبائل سيٽ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته بعد ۾ کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا ويا جيڪي شهر جي ٿيٻا روڊ تي هڪ هوٽل ۾ لڳا ان سلسلي ۾ ميهڙ پوليس ڪا به اڳڀرائي ڪري ناهي سگهي واضع رهي ته ميهڙ ۾ ڪجهه ڏينهن کان بدمني وڌي ويل آھي.










