ڏينهن ڏٺي جو واپاري جي گهران ڌاڙو، پوليس ڪجهه نه ڪيو

ميهڙ (غلام حسين پنھو) ٿيٻا روڊ وي آء پي اسڪول ڀرسان ڏينهن ڏٺي جو  4 هٿياربندن پاران هٿيارن جي زور تي واپاري  محمد خان گهانگرو جي گهر ۾ داخل ٿي گهر جي عورتن ۽ ٻارن کي هٿيار جي زور تي  يرغمال بڻائي گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري کين هڪ ڪمري ۾ بند ڪرڻ بعد هٿيار بند اڌ  ڪلاڪ تائين  گهر ۾ المارين ,بريف ڪيسن کي ٽوڙڻ گهر مان 5 لک روڪ رقم  15 لک روپين جو سون ۽ موبائل سيٽ ۽ ٻيو سامان  ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته بعد ۾ کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا ويا جيڪي شهر جي ٿيٻا روڊ تي هڪ هوٽل ۾ لڳا ان سلسلي ۾ ميهڙ پوليس ڪا به اڳڀرائي ڪري ناهي سگهي  واضع رهي ته ميهڙ ۾ ڪجهه ڏينهن کان بدمني وڌي ويل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو