اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ننڍي چونڊ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مقرر وقت تي عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪن. صدر عارف علوي خط ۾ اهو به لکيو آهي ته وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪري ته توهين عدالت سميت وڌيڪ پيچيدگين کان پاسو ڪيو وڃي. وزيراعظم کي لکيل خط ۾ صدر مملکت اهو به چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، تنهن ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وڃي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان پاسو ڪيو وڃي.پاڪستان جي صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته 2021 جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن مان 145 نمبر تي هو، هن سال جي ڪارروائي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ کي وڌيڪ هيٺ آڻيندي.










