پهريون ڀيرو بليڪ هول جي تصوير ڪڍندڙن لاءِ انعام جو اعلان

لنڊن (ڊيسڪ نيوز) دنيا ۾ پهريون ڀيرو بليڪ هول جي تصوير ڪڍندڙ 347 سائنسدانن جي ٽيم لاءِ سائنس جي سڀ کان وڏي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کي سائنس جي دنيا ۾ آسڪر ايوارڊ سمجهيو وڃي ٿو. برطانوي رپورٽ مطابق 3 ملين ڊالر جو اهو انعام  فزڪس ۾ بريڪ ٿرو جو انعام آهي جنهن کي حاصل ڪندڙ ٽيم 10 اپريل تي ايونٽ هورائزن ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان تاريخ ۾ پهريون مرتبو هڪ وڏي بليڪ هول جي تصوير ڪڍڻ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ياد رهي ته هارورڊ جي سمٿ سونين سينٽر فار آسٽرو فزڪس جي ماهرن شپ ڊولمين جي قيادت ۾ 10 سال جي طويل عرصي تائين ان بليڪ هول جي تصوير ڪڍڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي هئي. واضح رهي ته بليڪ هول زمين کان 55 ملين نوري سال جي فاصلي تي آهي. هن تصوير کي حاصل ڪرڻ  ۾ سڀ کان اهم ڪردار نوجوان آمريڪي خاتون سائنسدان ڪيٽي بائومن ادا ڪيو هو جنهن جي تيار ڪيل ايلگوريٿم جي مدد سان ماهر اها تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو