لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) عمران ڪشور پوليس سروس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هو 9 مئي جي ڪيسن ۾ جي آءِ ٽي جو سربراهه هو.ڊي آءِ جي عمران ڪشور پنهنجو استعيفيٰ آءِ جي پنجاب ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ هن چيو ته مان اهڙي موڙ تي آهيان جتي منهنجون وڌيڪ خدمتون ممڪن نه آهن، مون عزت سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.آءِ جي پنجاب کي جمع ڪرايل استعيفيٰ خط ۾، ڊي آءِ جي عمران ڪشور لکيو ته هو پوليس سروس آف پاڪستان تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.هن پنهنجي حلف کي بيحد عزم سان برقرار رکيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ذاتي قيمت ادا ڪئي، هاڻي مان اهڙي جاءِ تي آهيان جتي مان هاڻي پنهنجون خدمتون جاري نه ٿو رکي سگهان.










