9 مئي واقعي جي جوابدارن کي پناهه ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل

9 مئي واقعي جي جوابدارن کي پناهه ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل

پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ پرتشدد احتجاج ۾ ملوث پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پناهه ڏيڻ تي پهريون ڪيس داخل ڪيو ويو.پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۽ گهيرو ڪرڻ ۾ ملوث جوابدارن کي پناهه ڏيڻ وارن خلاف به ڪيس داخل ڪيا ويا.بونير ضلعي ۾ پي ٽي آءِ جي 3 اڳواڻن کي پناهه ڏيڻ وارن خلاف پهريون پرچو کٽيو ويو آهي.پوليس موجب گاگرا ٿاڻي ۾ تحريڪ انصاف بونير جي اڳواڻ بخت علي ۽ حسام خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.سهولتڪارن خلاف قلم 212 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب جوابدارن پي ٽي آءِ اڳواڻن مينا خان ۽ اڳوڻي ايم اين اي شاهد خٽڪ کي پنهنجي ريسٽ هائوس ۾ پناهه ڏني هئي.پي ٽي آءِ جي ٻنهي ڳجهن اڳواڻن کي لاڳاپيل جوابدارن جي ريسٽ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو.خيبرپختونخواهه پوليس به گذريل ڏينهن پرتشدد احتجاج ۾ ملوث ماڻهن کي پناهه ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو