9 مئي سانحي جي سازش ڪندڙن کي معاف نه ڪبو: وزيراعظم

9 مئي سانحي جي سازش ڪندڙن کي معاف نه ڪبو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي جي واقعي جي رٿابندي ڪندڙ ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن، سڀني کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويندا.قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، ملڪ جي محبت کي باهه ڏيڻ وارو شخص هو، جنهن ٻارڙي جي. هن هائوس ۾ رهندو هو پاڪستان جي حفاظت ڪندو هو، مون کي يقين ئي نه پئي آيو، جڏهن مان جناح هائوس پهتس، مون اهڙي صورتحال اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي، جنهن منصوبا ٽوڙيا، سازشون ڪيون، اڳواڻي ڪئي، ڇا اهي سڀ دهشتگردن جي زمري ۾ اچن ٿا؟ هن چيو ته 9 مئي جي واقعن تي اسان جا ڪنڌ شرم کان جھڪي ويا، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، غازين جي بي حرمتي ڪئي وئي، ايف سي اسڪول کي ٽوڙيو ويو، تاريخ ۾ جيترو به خوفناڪ واقعو پيش آيو آهي، اهڙا واقعا ڪڏهن به نه ٿيا آهن. 22 ڪروڙ عوام ۽ حڪومت ان وحشياڻي عمل جي سخت مذمت ڪري ٿي.هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو دل ڏکوئيندڙ منظر ڪنهن به نه ڏٺو آهي، اسان ڪجهه به ڪريون پر شهيدن جو قرض ادا نٿا ڪري سگهون.وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن فسادن جي منصوبابندي ڪئي، ڀڙڪايو، فائرنگ ڪئي، اهي ڪنهن به رعايت جي لائق نه آهن، اهڙن واقعن جي ذميوارن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، برطانيا ۾ رات جو به عدالتون هليون ۽ جوابدارن کي سزائون ڏنيون ويون. جيڪي بيگناهه آهن انهن کي هٿ نه کنيو وڃي ۽ جيڪي ڏوهي آهن انهن کي سزا ڏني وڃي. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، جنهن ڏوهه ڪيو آهي ان جي فرار ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اهڙو حادثو ٻيهر نه ٿيڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن.هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم حڪم ڏئي ته به اهڙن واقعن جا جوابدار آزاد نه ڪيا وڃن، جوابدارن کي 72 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو