9 مئي سانحو: پرڏهين تائين جاچ جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو

9 مئي سانحو: پرڏهين تائين جاچ جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان حڪومت 9 مئي سانحي جي جاچ جو دائرو پرديسي پاڪستانين تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث 500 کان وڌيڪ اوورسيز پاڪستانين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب اوورسيز پاڪستانين جي ڪال رڪارڊ، سوشل ميڊيا سرگرمي، سفري تاريخ، مالياتي ٽرانزيڪشن، اميگريشن اسٽيٽس ۽ ٻين لاڳاپيل ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدارن جي بازيابي لاءِ رابطو ڪيو ويندو ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو