پشاور (ويب ڊيسڪ)9 مئي جي واقعن ۾ ملوث پهريون سرڪاري ملازم محمد اسماعيل انجنيئرنگ يونيورسٽي مردان جو اسسٽنٽ ڪنٽرولر آف امتحانن کي معطل ڪيو ويو. انجنيئرنگ يونيورسٽي مردان اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحانات محمد اسماعيل کي معطل ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.بيان موجب سٽي ٿاڻي مردان ۾ محمد اسماعيل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن مردان ۾ جي ٽي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ۽ پاڪستان خلاف نعريبازي ۽ تقريرون پڻ ڪيون.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن نفرت انگيز تقريرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون. بيان موجب محمد اسماعيل کي يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ جي منظوري سان معطل ڪيو ويو، جوابدار محمد اسماعيل گرفتاري کانپوءِ سينٽرل جيل مردان ۾ آهي.










