ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي قربانين سبب اسان آزاد ملڪ ۾ سڪون جي ننڊ سمهي رهيا آهيون. ملڪ ۽ قوم لاءِ قرباني ڏيندڙ اسان جي فوج، رينجرز ۽ پوليس جو احترام نه ڪندڙن تي قوم جي اهو غضب نازل ٿيندو جيڪو انهن (پي ٽي آئي) 9 مئي تي شهيدن جي مجسمن، جناح هائوس ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملي جي صورت ۾ ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ شهيدن جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ناصر شاهه، ايم پي اي قاسم سومرو، خاص مددگار قاسم نويد، ڊي جي رينجرز ميجر اظهر وقاص، ايڊيشنل آءِ جي طارق قريشي، رمضان چيپا، شوبز ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙن شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن به قانون لاڳو ڪندڙ سپاهي جي شهادت سان سندس گهر وارن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن پر هنن سندن چهرن تي جيڪو فخر ۽ اطمينان ڏٺو آهي اهو اسان جي ملڪ، عوام ۽ ادارن سان محبت جو جذبو آهي. سنڌ جي وڏي وزير گذريل سال آگسٽ ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ لاڙڪاڻي جي جنرل سرفراز ۽ ميجر سعيد تنيو جي گهرڀاتين سان پنهنجي تعزيت دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن هن جنرل سرفراز جي پٽ ۽ ميجر سعيد جي پيءُ سان ملاقات ڪئي ته ڏاڍو سٺو لڳو ڇوته کين وڏو مرتبو مليو آهي، احساس ٿيو ته انهن کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. سنڌ جي وڏي وزير انهن مائرن کي سلام پيش ڪندي چيو ته اهي عظيم مائرون آهن جن هن ڌرتي جي حفاظت لاءِ پنهنجا پٽ قربان ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته منهنجون دعائون پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن لاءِ آهن ۽ مون کي يقين آهي ته اهي هاڻي جنت الفردوس ۾ آهن. 9 مئي واري واقعي جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ سرڪاري توڙي خانگي ملڪيتن کي وڏو نقصان پهچايو پر هو ٻه ڀيرا ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس سان ملاقات ڪري وڌيڪ نقصان پهچائڻ جا سندن ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته فيبروري 2023ع ۾ ڪي پي او تي حملي ۾ بهادر پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جن ۾ رينجرز جو تيمور، پوليس جو غلام عباس ۽ عبداللطيف (فوج جو اڳوڻو سپاهي) ۽ اجمل مسيح پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او دين محمد لغاري، ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر، ڪانسٽيبل سليم چاچڙ ۽ جتوئي پتافي سميت پوليس اهلڪارن نومبر 2022 تي شهيد ٿيا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن شجاعت ميڊل ڏيڻ لاءِ انهن شهيدن جا نالا تجويز ڪيا آهن. هن چيو ته سندس پارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. وڏي وزير شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا اهي آخري ۽ اهم لفظ جيڪي شهيد راڻي 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ پنهنجي چونڊ جلسي دوران چيا هئا کي ورجائيندي چيو ته ”پاڪستان جي حفاظت ڪير ڪندو؟ پاڪستان جي حفاظت آئون ڪنديس، توهان (پاڪستان جا ماڻهو) پاڪستان جو دفاع ڪندا، اسان سڀ دهشتگردن خلاف پاڪستان جو دفاع ڪنداسين ۽ آئون سوات تي قومي جهنڊو ڦڙڪائيندس.“ اها شهيد راڻي جي پنهنجي وطن ۽ سندس سرحدن سان محبت جي انتها هئي جنهن کي هوءَ دهشتگردن کان بچائڻ پئي چاهيو. مراد علي شاهه چيو ته اسان جي اڳواڻن هن ملڪ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اسان شهيدن جي وارثن جي حيثيت سان انهن جي قربانين جو ڏک سمجهون ٿا ۽ شهيدن جي اهميت کي سمجهون ٿا تنهنڪري پيپلز پارٽي هميشه شهيدن، سندن خاندانن ۽ سندن ورثي جو احترام ڪندي آهي.










