9 مئي جي شرپسندن خلاف ڪيس ملٽري ايڪٽ هيٺ هلندو، ٺهراءُ منظور

9 مئي جي شرپسندن خلاف ڪيس ملٽري ايڪٽ هيٺ هلندو، ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي 9 مئي جي شرپسندن خلاف ڪيس ملٽري ايڪٽ تحت هلائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو.ٺهراءَ جي متن موجب هڪ جماعت ۽ ان جي قائد 9 مئي تي سموريون حدون پار ڪيون، آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙيندي فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا، انهن حملن سان رياستي ادارن ۽ ملڪ کي وڏو نقصان پهتو، آئين ۽ قانون تحت ان خلاف ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي.ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ۾ هڪ ڏينهن جي به دير نه ڪئي وڃي، ان جماعت جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به ڪارروائين کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن، شرپسندن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي دوران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون نه ڪيون ويون.ٺهراءَ جي متن موجب دنيا ۾ فوجي ملڪيتن تي حملا ڪرڻ تي ڪارروائي جو اختيار فوج کي حاصل هوندو آهي، تنهن ڪري پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 تحت ڪارروائي ڪري سزائون ڏنيون وڃن.ان موقعي تي خواجا آصف خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته منصوبي تحت فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي واقعن جون سموريون ثابتيون موجود آهن.پوءِ قومي اسيمبلي 9 مئي جي حوالي سان ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو