9 سالن جو نينگر ساهه ٻُوساٽجڻ سبب فوت

مورو (اياز علي سولنگي) نوراني ڪالوني ۾ 09 سالن جو فدا حسين ولد خادم حسين سولنگي بُھ  جي دڪي جي ڀڪ ڪرڻ سب دٻجي فوت ٿي ويو جنھن جو لاش تعلقہ اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊاڪٽرن ساھ ٻوسٽجڻ سبب ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي. معلوم ٿيو آھي تہ مذڪورہ نينگر فدا حسين ڪالھ شام 06 بجي ڌاري بھ جي دڪي مان بھ کڻڻ ويو ھو جيڪو ڀڪ ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو جنھن جي مائٽن پاران ڪافي ڳولا ڪرڻ بعد دير سان بھ جي ڀڪ ھيٺان دٻيل مليو جيڪو فوت ٿي چڪو ھو نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو