80 هزار قربانيون ڏئي امن قائم ڪيو ويو : مراد سعيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي اڳواڻ مراد سعيد چيو آهي ته 80 هزار ماڻهن جي قرباني سان قائم ڪيل امن ڪنهن بي وقوفاڻي ۽ نااهلي جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين پاڪستان جو فيصلو امن آهي، آس پاس جي ڪنهن نئين ۽ پراڻي جنگ جو ٻارڻ نه بڻجنداسين خيبرپختونخواه پوليس جي بهادر شهيدن جو خون امن جو خراج گهري ٿو شهيدن جي قربانين جا پاسبان بڻجي نڪرنداسين پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي وزير چيو ته سياسي ۽ نظرياتي فرق کي پاسي تي رکي نڪرنداسين ۽ پرامن انداز ۾ امن جي حق ۾ آواز اٿارينداسين اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اهل دانش ۽ ميڊيا کي خاص طور تي پاڪستان امن مارچ ۽ خيبرپختونخوا جو آواز ٻڌڻ جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته امن لاءِ شهيدن جا وارث عوام سان اڄ نه گڏ بيهندڙن کي قوم ڏسي وٺندي جمعي جي نماز کان پوءِ پختون واسي دنيا کي امن جو پيغام ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو