پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جا 8 اهم اڳواڻ پوليس جي حفاظتي تحويل ۾ هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ فوج پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.پوليس اختيارين موجب حفاظتي تحويل ۾ ورتل اڳواڻن ۾ وڏو وزير سهيل آفريدي، خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جو اسپيڪر بابر سليم سواتي، پي ٽي آءِ جو صوبائي صدر جنيد اڪبر ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي نفاذ کانپوءِ اهي اڳواڻ حفاظتي تحويل ۾ آهن.پاڪستان جي وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وڏي وزير سهيل آفريدي کي امن امان خراب ٿيڻ جي خدشي سبب گرفتار ڪرڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي.گهرو وزارت به سهيل آفريدي کي حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪئي آهي. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ سومر ڏينهن عالمي ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته خيبر پختونخوا ڪابينا جي ٻين ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي بابت فيصلو گورنر جي نگرانيءَ ۾ قائم ايڊوائزري ڪائونسل ڪندي، جڏهن ته هن واضح نه ڪيو ته ٻين وزيرن کي به ساڳئي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو آهي يا نه. قانوني ماهرن موجب، فوجداري ظابطن واري قلم ”ٿري ايم پي او“ تحت حڪومت يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شخص کي حراست ۾ وٺي سگهن ٿا. عطا تارڙ چيو ته 9 مئي وارن واقعن ۾ سهيل آفريدي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو به ايڊوائزري ڪائونسل ڪندي. هن الزام هنيو ته سهيل آفريدي جي سربراهيءَ ۾ صوبائي حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان اقتدار ۾ ڀائيواريءَ جي فارمولي تي عمل ڪري رهي هئي. وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف عوام روڊن تي نه نڪتو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهو ان قدم جي حمايت ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايمرجنسي لاڳو ناهي ڪئي وئي، ماضي ۾ مختلف حالتن دوران اٺ ڀيرا اهڙو قدم کنيو ويو آهي. سندس چوڻ موجب، گورنر راڄ ۾ ٻه، ٻه مهينا ڪري ٽي ڀيرا واڌ ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته وڌيڪ واڌ جو طريقو به آئين ۾ موجود آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف وفاقي حڪومت جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو ته حڪومت پنهنجي قدم جو دفاع ڪندي. اعظم نذير تارڙ موجب، خيبر پختونخوا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ اربين رپيا فراهم ڪيا ويا، پر اها رقم اثرائتي نموني استعمال نه ڪئي وئي. وفاقي وزير بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي. هن الزام هنيو ته سهيل آفريدي دهشتگردن حملن ۾ شهادت ماڻيندڙ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازن ۾ به شرڪت نه ڪندو هو.
سهيل آفريدي جو اسٽيٽس هن وقت ”آف لائن“ آهي، ڪيس نه ٿيو ته آزاد ڪيو ويندو: گورنر ڪي پي
خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي مسئلن ۽ ڏکيائين باوجود هاڻي صحيح رخ ۾ سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي. گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هاڻي وفاق سان گارگند واري سياست نه ٿيندي، پر دليل ۽ اثرائتي ڳالهه ٻولهه ذريعي صوبي جو موقف پيش ڪيو ويندو.هن چيو ته سندن پاليسي ڪابل، قنڌار يا جلال آباد بدران اسلام آباد مان طئي ٿيندي. سهيل آفريدي بابت ڳالهائيندي گورنر چيو ته هن وقت سندس اسٽيٽس ”آف لائن“ آهي ۽ هو حفاظتي تحويل ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن خلاف ڪو ڪيس نه هوندو، کين آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪيس موجود هجڻ جي صورت ۾ کين قانون کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اونداهي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي سفر روشنيءَ ڏانهن جاري آهي. جنگيون رڳو فوجون نه، پر قومون گڏجي وڙهنديون آهن، تنهنڪري پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيهندي. فيصل ڪريم ڪنڊي اعلان ڪيو ته صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي گهربل وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا ويندا ۽ سندن بجيٽ ۾ به واڌائي ويندي. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ انٽرنيٽ بحال ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هڪ يا ٻن ڏينهن اندر بند رستا به کوليا ويندا، جنهن کانپوءِ روزمره جون سرگرميون بحال ٿيڻ شروع ٿينديون. گورنر چيو ته سهيل آفريدي جو ڪنٽينر بي يارو مددگار بيٺل آهي ۽ هو انتظار ڪري رهيو آهي ته ڪو اچي اهو کڻي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صدر جو قدم سرجريءَ وانگر هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اينٽي بايوٽڪ سان مسئلو حل نه ٿئي ته سرجري ضروري ٿي پوي ٿي. سندس چوڻ هو ته پوليس ڊگهي عرصي کان قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ اهلڪارن جون شهادتون ٿي رهيون آهن، تنهنڪري هاڻي ان مسئلي جو مستقل حل ڪڍڻ گهرجي.
خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ کي عدالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان
لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن خيبر پختونخوا ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ کي عدالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر بابر مرتضيٰ چيو ته غيرقانوني قدم خلاف اعليٰ عدالتن ۾ درخواست داخل ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اڱاري ڏينهن ڪراچي بار ۾ وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.
ترقياتي منصوبن جي قرباني ڏئي سگهجي ٿي، پر سيڪيورٽي تي سمجهوتو نه ٿيندو: فيصل ڪريم ڪنڊي
خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ پشاور ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قدمن تي غور ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شدت پسندي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ترقياتي منصوبن جي قرباني ڏئي سگهجي ٿي، پر سيڪيورٽي تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پوليس ۽ دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) جون جائز ضرورتون پوريون ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي ادارا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڳين صف ۾ آهن. گورنر چيو ته ماضي ۾ مختلف ادارن وچ ۾ گهربل هم آهنگي نه هئي، پر هاڻي سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي جاءِ تي ٻيا آفيسر مقرر ڪري سگهجن ٿا. فيصل ڪريم ڪنڊي موجب، وفاقي حڪومت موجودا ٽيم تي اعتماد ڪيو آهي، تنهنڪري ان کي ڪارڪردگي سان نتيجا ڏيکارڻا پوندا. هن چيو ته گذريل 13 سالن ۾ جيڪي ڪم نه ٿي سگهيا، اهي ايندڙ ٽن مهينن ۾ ڪري ڏيکارڻا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نمائشي قدمن بدران عملي نتيجا چاهي ٿي ۽ امن امان ۾ بهتري عوام کي نظر اچڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته امن قائم ٿيڻ سان صوبي ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي.
خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪو چارو نه هو: نائب وزيراعظم
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري قدم جي حمايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت وٽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو.انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڌرڻن ۽ احتجاجن سبب ملڪي معيشت کي وڏو نقصان پهچي ٿو. افغانستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو افغان حڪومت کان رڳو اهو مطالبو آهي ته پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي. هن الزام لڳايو ته افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگردن جي موجودگي خطي جي امن لاءِ خطرو آهي. اسحاق ڊار افغان طالبان تي زور ڏنو ته اهي دهشتگردن کي هٿيارن سميت هر قسم جي مدد ڏيڻ بند ڪن.
قومي تراني ۽ جهنڊي جو احترام نه ڪندڙ وڏا وزير نفرت جوڳا آهن: عظميٰ بخاري
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جنهن صوبي جي حڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ دهشتگرد محفوظ هجن ۽ پوليس توڙي عوام کي بي يارو مددگار ڇڏيو وڃي، اتي ايمرجنسي ئي لاڳو ٿيندي آهي. عظميٰ بخاريءَ چيو ته جيڪو وڏو وزير قومي تراني ۽ جهنڊي جو احترام نه ڪندو هجي، اهو نفرت جوڳو هوندو آهي.هن چيو ته گذريل 13 سالن دوران صوبائي حڪومت صوبي کي ڇا ڏنو ۽ عوام سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو، اهو سڀني آڏو پڌرو آهي.
مالاڪنڊ ضلعي ۾ 30 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، سياسي گڏجاڻين تي پابندي
مالاڪنڊ ضلعي ۾ 30 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري سياسي گڏجاڻين، جلسن، جلوسن ۽ تقريبن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رياست ۽ سرڪاري ادارن خلاف نفرت انگيز تقريرن تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي، جڏهن ته ضلعي جا سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول ۽ ڪاليج ٻن ڏينهن لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ اضافي حفاظتي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










