8 سال ٿي ويا، پيشي لاءِ پئسا ناهن: عورت جا جج کي ڏوراپا

8 سال ٿي ويا، پيشي لاءِ پئسا ناهن: عورت جا جج کي ڏوراپا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شخص جي گهرواري عدالتي ڪمري ۾ دانهون ڪندي چيو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، اسان کي انصاف جي چوديواري تي به انصاف نه پيو ملي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.عدالت ۾ پيش آيل گم ٿيل حسن دلاور جي زال چيو ته 8 سال ٿي ويا آهن عدالتن جا چڪر هڻندي، هاڻي پيش ٿيڻ لاءِ پئسا به ناهن. انصاف ڏيڻ وارا قيامت جي ڏينهن الله کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا؟ هن چيو ته حڪومت جبري گم ڪيل شهرين جي وارثن کي 5-5 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، حڪومتي اعلان کانپوءِ ڌيءَ جي شادي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي پر آخري وقت تي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.هن سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن مڙس ڏوهه ڪيو آهي ته سزا ٻارن کي ڇو ڏني پئي وڃي؟ هڪ ٻئي گم ٿيل شهري جي زال جو چوڻ هو ته محمد شڪت الله کي 8 سال اڳ بورڊ آفيس وٽان حراست ۾ ورتو ويو هو، اڄ تائين ڪڏهن جي آءِ ٽي ۽ ڪڏهن عدالتن جا در کڙڪائي رهيا آهن.ٻڌڻي دوران ثاقب آفريدي جي گهرواري عدالت ۾ ٻڌايو ته سندس مڙس کي 2015ع ۾ ابوالحسن اصفهاني روڊ تان حراست ۾ ورتو ويو، اسان کي 4 ڌيئرون آهن، اداري به پگهار روڪي ڇڏي آهي.10 سالن کان گم ٿيل محمد علي جي گهرواري به عدالت ۾ روئيندي چيو ته هوءَ هن وقت تائين 24 جي آءِ ٽي ۽ 8 صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاسن ۾ پيش ٿي چڪي آهي.هنن چتاءُ ڪندي مطالبو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ٻارڙن کي انصاف لاءِ ڪيڏانهن وٺي هلون. پنهنجي ئي ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي انصاف نه ٿو ملي.جسٽس نعمت الله پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي کانپوءِ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ جسٽس جي سوال تي جاچ آفيسر چيو ته حراستي مرڪزن مان رپورٽ نه ملي آهي.جاچ آفيسر جي جواب تي عدالت چيو ته لڳي ٿو ته هاڻي توهان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻي پوندي.عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت تفصيلي رپورٽ سميت ڊي آءِ جي جاچ کي 10 مئي تي طلب ڪري ورتو.عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي وفاقي گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت ۽ ٻين ادارن کان جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو