8 سال اڳ افتتاح ٿيل سوئي گئس ڳوٺاڻن کي نه ملي

8 سال اڳ افتتاح ٿيل سوئي گئس ڳوٺاڻن کي نه ملي

ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ ٺڪراٺي، مبارڪپور، روپهر کي سوئي گيس جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ  2011ع ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن سيد خورشيد احمد شاھ ۽ ڄام سيف الله خان ڌاريجو عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شھر سميت آس پاس وارن علائقن هڪ مهيني اندر سوئي گيس جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ هتان جا ماڻھو  مال جي ڇيڻن، ڪاٺين بجاءِ گيس تي رڌ پچاءُ ڪندا پر هڪ مهيني بجاءِ 8 سال گذري ويا پر سهولت فراهم ناهي ٿي سگهي. هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪيل افتتاح جو يادداشت نامو پيش ڪيو ويندو آھي جنهن تي هو واعدن مٿان واعدا ڪري واپس ناهن ورندا. هتان جي شھرين سياسي سماجي ماڻھن حاجي الهوڌايو، لياقت علي، ظهير علي، محمد رمضان منگي، ثناءُالله منگي، برڪت علي مهر،راحب علي، شاهد علي سومرو، شمن علي دايو، ڪريم بخش منڱڻھار سميت ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سوئي گيس جي سهولت نه هجڻ ڪري اسين سخت پريشان آھيون هتان جارهواسي ڳري رقم تي ڪاٺيون خريد ڪرڻ ۽ ڪيترا ته مسڪين مال جا ڇيڻا ميڙي رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آھن.هنن وفاقي حڪومت سميت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ٺڪراٺي سميت آس پاس جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن کي اعلانيل ۽ افتتاح ٿيل سوئي گيس جي سهولت فراهم ڪري وڌيڪ موتمار بيمارين کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو