ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته وائرل ٿيل 75 رپين جي نوٽ جي ڊيزائن جعلي آهي. مرڪزي بئنڪ طرفان وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 75 هين يوم آزادي جي موقعي تي جاري ڪيل 75 رپين جي نوٽ جي وائرل ٿيل ڊيزائن کي جعلي قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته اسٽيٽ بينڪ طرفان 17 جون تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته 75 روپين جا يادگار نوٽ 75 هين يوم آزادي جي موقعي تي ڇاپيا ويندا. ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بئنڪ کي 75 رپين جي نوٽن جي ڇپائي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 75 رپين جو نوٽ مقامي ڪاغذ تي ڇپبو.










