واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ستر سالن جي شخص 100 ميٽر جي ريس 14 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب تازو ئي آمريڪا ۾ 100 ميٽرن جي ريس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ 70 سالن کان مٿي عمر وارن ماڻهن به حصو ورتو. 70 سالن جي آمريڪي شهري مائيڪل ڪيش پين ريلي ايٿليٽڪ ايونٽ ۾ 100 ميٽر ڊوڙ 14 سيڪنڊن کان به گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪري حاضرين کي حيران ڪري ڇڏيو. مائيڪل ڪيش 100 ميٽرن جي ڊوڙ صرف 13.47 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري ريس کٽي ورتي.










